گڏيل قومون-21 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سڄي دنيا جي حڪومتن تي زر ڀريو آهي ته ضابطي کان ٻاهر ٿي ويل فوجي خرچن کي روڪيو وڃي ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ گرجي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي 2026ع جي ترقياتي ماليت فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي . هن جو چوڻ هو ته …
گڏيل قومن جي سربراهه پاران سڄي دنيا جي ملڪن کان فوجي خرچ گهٽ ڪرڻ جي اپيل

مزید خبریں
گڏيل قومون-21 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سڄي دنيا جي حڪومتن تي زر ڀريو آهي ته ضابطي کان ٻاهر ٿي ويل فوجي خرچن کي روڪيو وڃي ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ گرجي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي 2026ع جي ترقياتي ماليت فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي . هن جو چوڻ هو ته فوجي خرچ ۾ مسلسل اضافو ديوانگي آهي جنهن کي روڪڻ وقت جي اهم ضرورت آهي . هن چيو ته دنيا کي جنگن جي خاتمي لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهو تڪرار ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي . سندس مطابق اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض هن وقت فائدي مند ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ان کي سيڙپڪاري لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته موجوده ادارو هاڻي به ماضي جي معاشي ڍانچي جي عڪاسي ڪري ٿو . جڏهن ته دنيا ۾ نمايان تبديليون اچي ويون آهن . سندس مطابق اسرندڙ ملڪن جو عالمي معيشت ۾ ڪردار وڌي رهيو آهي. ان لاءِ کين عالمي مالياتي ادارن ۾ وڌيڪ نمائندگي ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي معاشي نظا۾ کي وڌيڪ شفاف، منصفاڻو ۽ موثر بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ترقي جو فائدو سڀني تائين پهچي سگهي.











