ڪينيڊا ۽ چين وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامن ۾ اضافي جو اعلان

اوٽاوا-21 اپريل (اي پي پي) ڪينيڊا چين سان سڌي ريت اڏامن جي انگ ۾ مرحليوار اضافي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد واپاري واڌ کي هٿي ڏيڻ  ۽ ٻه طرفن اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرانسپورٽ ڪينيڊا طرفان  جاري بيان مطابق نئين انتظام تحت ڪينيڊا ۽ چيني ايئر لائنز کي مسافرن ۽ ڪارگو اڏامن ۾ اضافو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه هر هفتي …

اوٽاوا-21 اپريل (اي پي پي) ڪينيڊا چين سان سڌي ريت اڏامن جي انگ ۾ مرحليوار اضافي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد واپاري واڌ کي هٿي ڏيڻ  ۽ ٻه طرفن اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرانسپورٽ ڪينيڊا طرفان  جاري بيان مطابق نئين انتظام تحت ڪينيڊا ۽ چيني ايئر لائنز کي مسافرن ۽ ڪارگو اڏامن ۾ اضافو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه هر هفتي 20 ڪارگو اڏامون هلائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي سمورن شهرن تائين گڏيل رسائي به فراهم ڪئي ويندي . ڪينيڊا جي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته چين سان مسافرن ۽ مال بردار اڏامن ۾ اضافو واپاري واڌ جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۽ عوامي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرفان هڪ مثبت قدم آهي. ٻئي پاسي عالمي واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته چين سان سڌيءَ ريت فضائي رابطن ۾ واڌ سان ڪينيڊا جي روانگي واپار کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي ۾ مدد ملندي ۽ روانگي واپار ۾ 50 سيڪڙو اضافي جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿيندي.