نيويارڪ -21 اپريل (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل اعلان ڪيو آهي ته سندس چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽم ڪڪ سيپٽمبر 2026ع ۾ پنهنجي عهدي تان هٽي ويندو جڏهن ته سندس جاءِ تي جان ٽرنس ايپل جو نئون سي اي او هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني چيو آهي ته ٽم ڪڪ ان کان پوءِ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏيندو جڏهن ته جان ٽرنس پهرين …
ايپل جي سي اي او پاران سيپٽمبر ۾ عهدو ڇڏڻ جو اعلان

مزید خبریں
نيويارڪ -21 اپريل (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل اعلان ڪيو آهي ته سندس چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽم ڪڪ سيپٽمبر 2026ع ۾ پنهنجي عهدي تان هٽي ويندو جڏهن ته سندس جاءِ تي جان ٽرنس ايپل جو نئون سي اي او هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني چيو آهي ته ٽم ڪڪ ان کان پوءِ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏيندو جڏهن ته جان ٽرنس پهرين سيپٽمبر 2026 ع کان باضابطه طور تي سي اي او بڻجي ويندو. اهو فيصلو بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري سان ڪيو ويو آهي. ٽم ڪڪ 1998ع ۾ ايپل ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2011ع ۾ سي اي او بڻيو سندس قيادت ۾ ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو 350 ارب ڊالرن مان وڌي 4 کرب ڊالرن تائين پهچي وئي جڏهن ته ساليانو آمدني ۾ به نمايان اضافو ٿيو. ٻئي پاسي جان ٽرنس سال 2001ع ۾ ايپل جو حصو بڻيو ۽ 2013ع ۾ هارڊ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي نائب صدر مقرر ٿيو. هن آءِ پيڊ، ايئر پوڊز ، آءِ فون، ميڪ ۽ ايپل واچ سميت اهم مصنوعات جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.











