راملا-21 اپريل (اي پي پي) غزه پٽي ۾ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، انهن جي تصديق فلسطين جي صحت کاتي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب طبي ذريعن ٻڌايو ته سينٽرل غزه جي البريج ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص شهيد جڏهن ته غزه سٽي ۾ هڪ ٻئي حملي ۾ هڪ شخص شهيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا . جڏهن …
غزه ۾ اسرائيل جا حملا، 5 فلسطيني شهيد

مزید خبریں
راملا-21 اپريل (اي پي پي) غزه پٽي ۾ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، انهن جي تصديق فلسطين جي صحت کاتي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب طبي ذريعن ٻڌايو ته سينٽرل غزه جي البريج ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص شهيد جڏهن ته غزه سٽي ۾ هڪ ٻئي حملي ۾ هڪ شخص شهيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا . جڏهن ته ڏکڻ غزه جي شهر خان يونس جي اولهندي علائقي ۾ ٿيل فضائي حملي ۾ وڌيڪ ٽي ماڻهو شهيد ٿي ويا جن جي تصديق ناصر اسپتال جي انتظاميا ڪئي آهي. اهي واقعا اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٻن سالن جي جنگ کانپوءِ آڪٽوبر ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي سبب جنگ بندي جو معاهدو طئي ٿيو هيو. انهن جي اهم نڪتن تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي رڪاوٽ جو شڪار آهي.











