سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڪويت ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن جو رابطو،علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-21 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا  موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن تازي علاقائي صورتحال ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان گڏيل  ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان علوه سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان عمان جي هم منصب به ٽيليفون …

رياض-21 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا  موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن تازي علاقائي صورتحال ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان گڏيل  ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان علوه سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان عمان جي هم منصب به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. رابطي ۾ علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوشسن تي ڳالهيون ڪيون ويون.