سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چيني ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

ڪراچي-20 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ، سنڌ ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا صديون پراڻا آهن. چيني ٻولي دنيا جي قديم ترين ۽ وسيع ترين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪ چين دوستي جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ …

ڪراچي-20 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ، سنڌ ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا صديون پراڻا آهن. چيني ٻولي دنيا جي قديم ترين ۽ وسيع ترين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪ چين دوستي جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته سي پيڪ منصوبن جي ڪري چيني ٻوليءَ جي اهميت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ چيني ٻولي سکڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته چيني ٻولي سکڻ نوجوانن لاءِ عالمي روزگار جا نوان دروازا کولي سگهي ٿو. هن پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل تحفو قرار ڏيندي چين جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.