ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين پاران شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ جو دورو، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جو جائزو ورتو

لاڙڪاڻو 20 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر ڪالهه گڏجي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هنن شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ٻين سينٽرن جو دورو ڪيو.  …

لاڙڪاڻو 20 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر ڪالهه گڏجي لاڙڪاڻي شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هنن شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ٻين سينٽرن جو دورو ڪيو.  دوري دوران هنن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ 15 ڪاپي ڪيس، گورنمينٽ بوائز اسڪول سچل ڪالوني ۾ 02 ڪاپي ڪيس پڻ پڪڙيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت سموري ضلعي اندر يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ۽ ڪاپيءَ جي ڪڌي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن شاگردن جو مستقبل محفوظ رهي سگھي ۽ ان غلط عمل کان بچي پنهنجي قابليت جي آڌار تي اڳتي وڌي سگھن.