ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ۾ واڌ لاءِ پراميد آهيون: ترڪيه

انقره -20 اپريل (اي پي پي)ترڪيه چيو آهي، ته هو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي ۾ واڌ لاءِ پر اميد آهي، جنگ بندي اربع کان ختم ٿيڻي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان گذريل ڏينهن انتظاليه ڊپلوميسي فورم ۾ چئي. هن چيو ته هو ايندڙ هفتي جنگ بندي جو وقت ختم ٿيڻ تي ڪا به نئين جنگ شروع ٿيندي …

انقره -20 اپريل (اي پي پي)ترڪيه چيو آهي، ته هو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي ۾ واڌ لاءِ پر اميد آهي، جنگ بندي اربع کان ختم ٿيڻي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان گذريل ڏينهن انتظاليه ڊپلوميسي فورم ۾ چئي. هن چيو ته هو ايندڙ هفتي جنگ بندي جو وقت ختم ٿيڻ تي ڪا به نئين جنگ شروع ٿيندي نه ٿو ڏسڻ چاهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڌريون جنگ بندي ۾ واڌ ڪنديون.