چين ۾ انسان نما روبوٽ  هاف ميراٿن جو انساني عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

بيجنگ -20 اپريل (اي پي پي) بيجنگ ۾ هاف ميراٿن ۾ هيومنائيڊ (انسان نما) روبوٽ حقيقي انسان رنرز جي مقابلي ۾ ڊڪندي عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب فاتح روبوٽ جيڪو پاڻ مرادو نيويگيشن سسٽم سان ليس هو ۽ چين جي سمارٽ فون ڪمپني آنر پاران ڊڪي رهيو هو، اٽڪل 21 ڪلوميٽرن جو فاصلو 50 منٽن ۽ 26 سيڪنڊن  ۾ مڪمل ڪيو، جنهن جي سراسري رفتار اٽڪل 25 ڪلوميٽر …

بيجنگ -20 اپريل (اي پي پي) بيجنگ ۾ هاف ميراٿن ۾ هيومنائيڊ (انسان نما) روبوٽ حقيقي انسان رنرز جي مقابلي ۾ ڊڪندي عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب فاتح روبوٽ جيڪو پاڻ مرادو نيويگيشن سسٽم سان ليس هو ۽ چين جي سمارٽ فون ڪمپني آنر پاران ڊڪي رهيو هو، اٽڪل 21 ڪلوميٽرن جو فاصلو 50 منٽن ۽ 26 سيڪنڊن  ۾ مڪمل ڪيو، جنهن جي سراسري رفتار اٽڪل 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي. اهڙي طرح هن مردن جي موجوده عالمي رڪارڊ 57 منٽ 20 سيڪنڊن کي ٽوڙي ڇڏيو. جيڪو يوگنڊا جي ايٿليٽ جيڪب ڪيپلمو وٽ هو.