رياض-20 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڀارت جي قومي سلامتي جي مشير اجيت ڊوول ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو، علائقي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان دوران سعودي عرب جي توانائي واري وزير سان به ڀارتي مشير …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڀارت جي قومي سلامتي جي مشير جي ملاقات، علائقي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض-20 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڀارت جي قومي سلامتي جي مشير اجيت ڊوول ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو، علائقي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان دوران سعودي عرب جي توانائي واري وزير سان به ڀارتي مشير ملاقات ڪئي جنهن ۾ مملڪتي وزير ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد العيان به شريڪ هيو. ان موقعي تي ملاقات ۾ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن ۽ توانائي جي تحفظ ۽ رسد جي استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.











