ٽوڪيو-20 اپريل (اي پي پي) جاپان ۾ شهرين جاپان جي پارليامينٽ ويجهو احتجاجي ريلي ڪڍي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ريلي ۾ سانائي تاڪائچي حڪومت پاران هٿيارن جي روانگي واپار تان پابندي هٽائڻ ۽ امن پسند آئين ۾ ترميم ڪرڻ جهڙن قدمن جي مخالفت ڪئي وئي . يار رهي ته جاپان جي پارليامينٽ 7 اپريل تي 2026 ع جي مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏني هئي جنهن تحت جاپان جي …
جاپان ۾ حڪومت مخالف احتجاجي ريلي ۾ هزارين شهرين جي شرڪت

مزید خبریں
ٽوڪيو-20 اپريل (اي پي پي) جاپان ۾ شهرين جاپان جي پارليامينٽ ويجهو احتجاجي ريلي ڪڍي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ريلي ۾ سانائي تاڪائچي حڪومت پاران هٿيارن جي روانگي واپار تان پابندي هٽائڻ ۽ امن پسند آئين ۾ ترميم ڪرڻ جهڙن قدمن جي مخالفت ڪئي وئي . يار رهي ته جاپان جي پارليامينٽ 7 اپريل تي 2026 ع جي مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏني هئي جنهن تحت جاپان جي دفاعي بجيٽ 9 کرب ين کان وڌي وئي آهي. حڪومت ويجهي مستقبل ۾ دفاعي سامان جي منتقلي جي ٽن اصولن ۽ ان تي عمل جي حوالي سان رهنما خطن ۾ ترميمم ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي ته جيئن جاپان جي هٿيارن جي پرڏيهي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ تي پابندين ۾ نرمي ڪري سگهجي. مظاهرو ڪندڙن جو خيال آهي ته اهي قدم جاپان جي آئين جي امن پسندي تي ٻڌل روح جي خلاف ورزي آهن ۽ اهي علائقي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، تازي عرصي ۾ جاپان ۾ عوام پاران ڪيترائي ڀيرا اهڙا احتجاج ۽ ريليون ڪڍيون ويون آهن جن ۾ هٿيارن جي روانگي تان پابندي هٽائڻ ۽ آئين ۾ ترميم جي ڪوششن جي مخالفت ڪئي وئي آهي.











