حيدرآباد ۾ بزن روح رهاڻ پاران ناليواري اديب ۽ لساني ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 15هين ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد -19 اپريل (اي پي پي) بزم روح رهاڻ پاران سنڌي ٻولي جي نامورعالم، اديب، لسانيات جي ماهر، لوڪ ادب جي اهڃاڻ ۽ شاهه جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 15هين ورسي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ياد عنوان هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ کيس لفظن جي زبردست ڀيٽاپيش ڪئي وئي.شاعرن ۽ اديبن چيو ته جيستائين سنڌي ٻولي آهي، تيستائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو …

حيدرآباد -19 اپريل (اي پي پي) بزم روح رهاڻ پاران سنڌي ٻولي جي نامورعالم، اديب، لسانيات جي ماهر، لوڪ ادب جي اهڃاڻ ۽ شاهه جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 15هين ورسي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ياد عنوان هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ کيس لفظن جي زبردست ڀيٽاپيش ڪئي وئي.شاعرن ۽ اديبن چيو ته جيستائين سنڌي ٻولي آهي، تيستائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو زندهه رهندو، گڏجاڻي جي صدارت ڪندي لسانيات جي ماهر ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر الطاف جوکيو چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٻوليءَ جي صورتخطي، ان جي آواز ۽ لهجي جو تمام وڏو خيال رکيو، ڪيترائي خيال آيا ته ڪجهه لفظن جي صورتخطي تبديل ڪجي پر ڊاڪٽر بلوچ دليلن سان لفظن جي صورتخطي تبديل ڪرڻ نه ڏني، نبي بخش بلوچ عالمگير شخصيت جو نانءُ آهي، جنهن تي اسان  کي هميشه فخر رهندو.خاص مهمان محقق ۽ اديب شاهنواز مهيسر چيو ته نبي بخش خان بلوچ سان اسلام آباد ۾ منهنجون ٻه چار ملاقاتون ٿيون، جڏهن هو اسلامڪ يونيورسٽي ۾ هو، ٻولي ۽ ادب سان پيارڪندڙ سچو ۽ کرو ماڻهو هو. ليکڪ، اديب ۽ ڪالم نگار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته نبي بخش خان بلوچ سان اسان جي وڏڙن جي نيازمندي رهي آهي، جڏهن بلوچ صاحب ڪاڇي جي شاعرن ۽ اديبن سگهڙن سان رهاڻيون ڪيون ته ساڻس ڪيئي ڀيرا ملاقاتون ٿيون، بلوچ صاحب سنڌي ٻولي جو سچو همدرد ۽ هڏڏوکي هو. نامياري ليکڪ ۽ اديب منصور قادر جوڻيجي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حميده کهڙو وچ ۾ رابطا هئڻ ڪري منهنجي به ساڻس ويجهڙائي ٿي، لکڻ پڙهڻ جي لحاظ کان ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ذات جي اندر هڪ مڪمل ادارو هو. گڏجاڻي ۾ اعزازي مهمان ادريس جتوئي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي واحد شخصيت هو، جنهن کي سڄي دنيا سڃاڻندي هئي، هن  جون سنڌي ادب ۽ لطيفيات جي لحاظ کان ڪيل خدمتون بي مثال هيون، شاعر ۽ اديب نظام الدين ڪاڪا چيو ته  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن.بزم روح رهاڻ جي سيڪريٽري جنرل واحد ڪانڌڙي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب کي زندهه رکيو، اڄ جيڪڏهن لوڪ ادب آهي ته ان ۾ وڏي ۾ وڏو ڪردار ڊاڪٽر بلوچ جو آهي. گڏجاڻي ۾ دريا خان پيرزادي ۽ نذيران مجدد قريشي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي زندگي جو تعارف پڙهيو جڏهن ته شاعر  طالب ڀنڀرو شاهه جي وائي پڙهي، ان کانسواءِ گڏجاڻي ۾ بزم روح رهاڻ ڄامشوري جي ضلعا سيڪريٽري سڪندر کوسي، سليم چنا، اي ڊي ڪابوري، خير محمد عاشق سولنگي، احساس ميرل، خان محمد جروار، عمران سومري، مولا بخش محبتي، علي حسنين ۽ ٻين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.