لاڙڪاڻو ۾ صدين جي تهذيب جو ٻيهر پڙاڏو، پِپِرُ جي قديم وڻ کي وڍڻ تي ڪيس داخل

لاڙڪاڻو - 19 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جيڪو صدين جي تهذيب جو اهڃاڻ آهي اُن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي صدين جي تهذيب کي ورجائيندي پِپِرُ جي قديم وڻ کي وڍڻ تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، لاڙڪاڻو جي مڇي مارڪيٽ ويجهو پپر جي قديم وڻ کي وڍڻ جي اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ٽي ايم سي دڙي ٽائون کي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ انفورسمينٽ …

لاڙڪاڻو – 19 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جيڪو صدين جي تهذيب جو اهڃاڻ آهي اُن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي صدين جي تهذيب کي ورجائيندي پِپِرُ جي قديم وڻ کي وڍڻ تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، لاڙڪاڻو جي مڇي مارڪيٽ ويجهو پپر جي قديم وڻ کي وڍڻ جي اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ٽي ايم سي دڙي ٽائون کي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ انفورسمينٽ ٽيم بنا دير واقعي واري هنڌ  پهچي وڻ کي مڪمل وڍجڻ کان بچائي ورتو ويو ۽ پپر جي قدم وڻ جي ٿڙ کي ٿُڏجڻ کان بچائيندي محفوظ ڪري ورتو، جڏهن ته وٺ وڍيندڙ مختيار شيخ ۽ غير قانوني ڪم ۾ ملوث ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڊي سي طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته شهر جي قدرتي ورثي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،  هِن هدايت ڪئي ته قديم وڻ کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ بحالي لاءِ سمورا ضروري اُپاءُ ورتا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ٽي ايم سي ۽ ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته پپر جي قديم وڻ جي ٿڙ کي سهارو ڏيئي ان جي مناسب سار سنڀال يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پپر جا وڻ اسان جي ماحولياتي ۽ ثقافتي ورثي جو حصو آهن، انهن جو تحفظ ضروري آهي ۽ ضلعي انتظاميا وڻن جي واڍي بلڪل برداشت نه ڪندي هِن شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهڙي ڪنهن به سرگرمي جو فوري اطلاع ضلعي انتظاميا يا ميونسپل اختيارين کي ڏين ته جيئن ترت ڪارروائي ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته ماحول جي حفاظت ۽ پراڻن وڻن جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي. انتظاميا ضلعي ۾ سرسبز ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت لاءِ ڪوششون جاري رکندي