لاڙڪاڻو جي رائل تاج هوٽل ۾ باهه، ڪو به  جاني نقصان نه ٿيو

لاڙڪاڻو - 19 اپريل (اي پي پي) چانڊڪا پل ڀرسان لاڙڪاڻي جي مشهور رائل تاج ريسٽورنٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. تفصيل مطابق ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات لاڙڪاڻو جي مشهور هوٽل رائل تاج ۾ باهه لڳي پئي. اطلاع ملندي ئي لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي هدايتن تي ميونسپل ڪارپوريشن جي فائر برگيڊ ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي وئي. فائر برگيڊ عملي پيشيوراڻي مهارت ڏيکاريندي …

لاڙڪاڻو – 19 اپريل (اي پي پي) چانڊڪا پل ڀرسان لاڙڪاڻي جي مشهور رائل تاج ريسٽورنٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. تفصيل مطابق ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات لاڙڪاڻو جي مشهور هوٽل رائل تاج ۾ باهه لڳي پئي. اطلاع ملندي ئي لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي هدايتن تي ميونسپل ڪارپوريشن جي فائر برگيڊ ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي وئي. فائر برگيڊ عملي پيشيوراڻي مهارت ڏيکاريندي وقت سر ڪاروائي ڪئي ۽ باهه تي ضابطو آندو، ايڊووڪيٽ انور علي لهر فائر برگيڊ ٽيم جي فوري ۽ اثرائتي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ميونسپل ڪارپوريشن جي پهرين ترجيح آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ حفاظتي اپائن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن کي وقت تي منهن ڏئي سگهجي.