اتر ڪوريا پاران ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو، خطي ۾ ڳڻتي جي لهر

پيانگ يانگ – 19 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا اوڀر سامونڊي ڪناري ويجهو سمنڊ ڏانهن ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا، جنهن جي تصديق ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هلندڙ سال اتر ڪوريا پاران ستون جڏهن ته رڳو اپريل ۾ چوٿون ميزائل تجربو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج مطابق ميزائل مقامي وقت مطابق صبح اٽڪل 6 لڳي 10 منٽن تي اوڀر واري سامونڊي ڪناري واري …

پيانگ يانگ – 19 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا اوڀر سامونڊي ڪناري ويجهو سمنڊ ڏانهن ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا، جنهن جي تصديق ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هلندڙ سال اتر ڪوريا پاران ستون جڏهن ته رڳو اپريل ۾ چوٿون ميزائل تجربو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج مطابق ميزائل مقامي وقت مطابق صبح اٽڪل 6 لڳي 10 منٽن تي اوڀر واري سامونڊي ڪناري واري شهر سنپو ويجهو فائر ڪيا ويا. جاپاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ميزائل بيٺ ڪوريا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري ويجهو ڪريا، پر جاپان جي خاص اقتصادي زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا تصديق ناهي ٿي. واقعي بعد ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس ۾ هنگامي سيڪيورٽي سجلاس طلب ڪيو ويو جڏهن ته ماهرن مطابق اهي تجربا اتر ڪوريا جي عسڪري صلاحيتن ۾ اضافي جي ڪوششن جو حصو آهن.