واشنگٽن – 19 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ اميگريشن حراست دوران هلندڙ سال هن وقت تائين 17 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف آمريڪي اميگريشن انفورسمينٽ (آءِ سي اي) پاران جاري ڪيل قيدين جي موت بابت رپورٽس ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق تازو واقعو خميس تي سامهون آيو جڏهن هڪ 27 سالن جو ڪيوبن شهري 12 اپريل تي ميامي جي هڪ وفاقي حراستي مرڪز …
آمريڪا ۾ اميگريشن حراست ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 17 ماڻهو فوت

مزید خبریں
واشنگٽن – 19 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ اميگريشن حراست دوران هلندڙ سال هن وقت تائين 17 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف آمريڪي اميگريشن انفورسمينٽ (آءِ سي اي) پاران جاري ڪيل قيدين جي موت بابت رپورٽس ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق تازو واقعو خميس تي سامهون آيو جڏهن هڪ 27 سالن جو ڪيوبن شهري 12 اپريل تي ميامي جي هڪ وفاقي حراستي مرڪز ۾ پنهنجي سيل ۾ بي هوش حالت ۾ مليو. طبي امداد جي ڪوششن باوجود کيس مئل قرار ڏنو ويو جڏهن ته موت جو سبب هن وقت معلوم ناهي ٿي سگهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ سي اي 2025ع ۾ مجموعي طور 33 حراست هيٺ ماڻهن جي فوتگي جو اطلاع ڏنو جڏهن ته 2024ع ۾ اهو انگ 11 رهيو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اپريل جي شروع تائين آءِ سي اي جي حراست ۾ 60 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي موجود هئا. جيتوڻيڪ تازن مهينن ۾ ان انگ ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي پر اها سطح هن وقت به ان وقت کان نمايان طور تي وڌيڪ آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻيهر اقتدار ۾ آيو هو.











