حيدرآباد -18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي سربراهه چيف سردار راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي چيو آهي ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، جڏهن ته ڀارت عالمي اداران جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي پاڻي تي قبضو ڪري ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته …
ڀارت کي پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جو ڪو حق ناهي: چيف سردار راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي

مزید خبریں
حيدرآباد -18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي سربراهه چيف سردار راجا غلام مرتضيٰ خاصخيلي چيو آهي ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، جڏهن ته ڀارت عالمي اداران جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي پاڻي تي قبضو ڪري ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان کي ڀارت جي ان قدم خلاف عالمي ادارن ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به قيمت تي ڀارت جي ان بدمعاشي کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ طئي ٿيو هو، ان ڪري ڀارت کي ان جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. هن چيو ته سنڌ جي مختلف برادرين تي ٻڌل پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ان قومي مسئلي تي پاڪستان جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته پاڪستاني عوام ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهي.











