ڪراچي -18 اپريل (اي پي پي) ڪراچي کان ايئر سيال جي پهرين حج اڏام 160 حج پانڌيئڙن کي کڻي سعودي عرب روانو ٿي وئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي پاران ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي روڊ ٽو مڪه سهولت تحت حج پانڌيئڙن کي جديد اميگريشن خدمتون فراهم ڪيون ويون. سنڌ جي گورنر نهال هاشمي پهرين حج اڏام جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي …
ڪراچي کان ايئر سيال جي پهرين اڏام 160 حج پائڌيئڙن کي کڻي سعودي عرب روانو ٿي وئي

مزید خبریں
ڪراچي -18 اپريل (اي پي پي) ڪراچي کان ايئر سيال جي پهرين حج اڏام 160 حج پانڌيئڙن کي کڻي سعودي عرب روانو ٿي وئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي پاران ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي روڊ ٽو مڪه سهولت تحت حج پانڌيئڙن کي جديد اميگريشن خدمتون فراهم ڪيون ويون. سنڌ جي گورنر نهال هاشمي پهرين حج اڏام جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پڻ حج سهولتن جو جائزو ورتو ۽ سعودي اميگريشن ڪائونٽرز جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي چيو آهي ته ايئر سيال جي اڏام پي ايف-7700 صبح سوير 2:05 منٽن تي روانو ٿي.











