چيني صدر شي جن پنگ سان ايندڙ ملاقات تاريخي ثابت ٿيندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-18 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو چيني صدر شي جن پنگ سان پنهنجي ايندڙ ملاقات کي امڪاني طور تي تاريخي بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اميد آهي ته ان ملاقات دوران اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته اها ملاقات ”خاص“ هوندي ۽ …

واشنگٽن-18 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو چيني صدر شي جن پنگ سان پنهنجي ايندڙ ملاقات کي امڪاني طور تي تاريخي بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اميد آهي ته ان ملاقات دوران اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته اها ملاقات ”خاص“ هوندي ۽ ان جي تاريخي هجڻ جو به امڪان آهي. آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته چين جو صدر آبنائي هرمز کي کلڻ يا کلڻ جي ويجهو هجڻ تي خوش آهي، ۽ ان اڳڀرائي کي هاڪاري قرار ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته بيجنگ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات 14 ۽ 15 مئي تي شيڊول آهي، جتي ٻه طرفا لاڳاپن، واپار ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ متوقع آهي.