ايراني نار جي بحالي ۽ خطي ۾ پائيدار امن ضروري آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-17 اپريل(اي پي پي)پاڪستان، آمريڪا ايران  تڪرار جي حل لاءِ  ٽياڪڙي جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي  ايراني نار جي بحالي ۽ خطي ۾ پائيدار امن تي زور ڀريو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ چين ۽ روس 7 اپريل واري سلامتي ڪائونسل ٺهراءَ تي ويٽو جي وضاحت پيش ڪئي آهي. اي پي پي موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي …

گڏيل قومون-17 اپريل(اي پي پي)پاڪستان، آمريڪا ايران  تڪرار جي حل لاءِ  ٽياڪڙي جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي  ايراني نار جي بحالي ۽ خطي ۾ پائيدار امن تي زور ڀريو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ چين ۽ روس 7 اپريل واري سلامتي ڪائونسل ٺهراءَ تي ويٽو جي وضاحت پيش ڪئي آهي. اي پي پي موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايراني نار  عالمي واپار ۽ توانائي جي رسد لاءِ هڪ اهم گذرگاهه آهي جنهن ۾ رڪاوٽ سان سڄي دنيا جا ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي جي سمورن ڀائر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ ايراني نار بابت ڪنهن به اڳڀرائي ۾ نار سهڪار ڪائونسل(جي سي سي) ملڪن جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. پاڪستان نمائندي چيو ته ايران تڪرار سبب نه صرف توانائي پر ڀاڻ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي پڻ متاثر ٿي رهي آهي جنهن سان خاص طور تي غريب طبقي جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته عالمي سطح تي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته 11 ۽ 12 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهيون پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو هيون جن جو مقصد حملن جو خاتمو ۽ پائيدار امن جو قيام آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ايراني نار جي بحالي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو عالمي مفاد ۾ آهي، امن جي بحالي سمورين ڌرين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.