گڏيل قومن-17 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ 10 ڏينهن واري جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل ٻنهي ملڪن وچ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سرحدي علائقن ۾ آباد شهرين جون مشڪلاتون گهٽائڻ جي سمورين ڪوششن جي حمايت جو …
گڏيل قومن پاران لبنان-اسرائيل جنگ بندي جي آجيان
گڏيل قومن-17 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ 10 ڏينهن واري جنگ بندي جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل ٻنهي ملڪن وچ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سرحدي علائقن ۾ آباد شهرين جون مشڪلاتون گهٽائڻ جي سمورين ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. بيان مطابق اها جنگ بندي، جيڪا گڏيل قومن پاران 2000ع ۾ قائم ڪيل سرحدي حد بندي بليو لائن جي ٻنهي پاسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي، مستقبل ۾ ڳالهين جو رستو هموار ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. سيڪريٽري جنرل اميد جو اظهار ڪيو ته اها اڳڀرائي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ 1701 تي مڪمل عمل ۽ تڪرار جي پائيدار حل ڏانهن کڻي ويندي. هن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو جنگ بندي جو مڪمل احترام ڪن ۽ عالمي قانونن خاص طور تي انساني همدردي جي اصولن جي هر صورت پاسداري ڪن.











