برلن-17 اپريل(اي پي پي) جرمني چيو آهي ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ ايراني نار جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب چانسلر فريڊرڪ مرز چيو آهي ته انهن جو ملڪ دنيا جي توانائي لاءِ انتهائي اهم آبي رستي ايراني نار مان گذرندڙ جهازن جي محفوظ سفر لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته اهو ڪردار جنگ جي خاتمي کان پوءِ ادا ڪري سگهجي …
جنگ جي خاتمي کان پوءِ ايراني نار جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا: جرمني

مزید خبریں
برلن-17 اپريل(اي پي پي) جرمني چيو آهي ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ ايراني نار جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب چانسلر فريڊرڪ مرز چيو آهي ته انهن جو ملڪ دنيا جي توانائي لاءِ انتهائي اهم آبي رستي ايراني نار مان گذرندڙ جهازن جي محفوظ سفر لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته اهو ڪردار جنگ جي خاتمي کان پوءِ ادا ڪري سگهجي ٿو.ان ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي منشور ۽ جرمن پارليامينٽ جي منظوري لازمي آهي. جرمن چانسلر چيو ته اسان هن وقت انهن سڀني معاملن کان پري آهيون. جڏهن ان کان پڇيو ويو ته جرمني ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته هن چيو ته اسان پيرس ۾ ٿيندڙ ايراني نار بابت اجلاس ۾ انهن سڀني معاملن تي غور ڪنداسين ۽ ان اجلاس ۾ آمريڪي فوج بابت پڻ غور ڪيو ويندو، هن ان سوال جو جواب سڌي ريت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته جرمني ايراني نار مان ڌماڪيدار سرنگهون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مهارت جي حوالي سان خدمتون پيش ڪري سگهي ٿو.











