واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي) عالمي خيراتي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن (ڊبليو سي ڪي) جي باني جوز اينڊ ريس خبردار ڪيو آهي ته ايران خلاف جنگ عالمي سطح تي ڏڪار جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جوز اينڊ ريس خبردار ڪيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيل جي جنگ سبب ڀاڻ جي سپلاءِ ۾ رڪاوٽون عالمي سطح تي خوراڪ جي اهڙي بحران کي پيدا ڪرڻ جو خطرو …
ايران خلاف جنگ عالمي سطح تي ڏڪار جو سبب بڻجي سگهي ٿي: ڊبليو سي ڪي

مزید خبریں
واشنگٽن-17 اپريل (اي پي پي) عالمي خيراتي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن (ڊبليو سي ڪي) جي باني جوز اينڊ ريس خبردار ڪيو آهي ته ايران خلاف جنگ عالمي سطح تي ڏڪار جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جوز اينڊ ريس خبردار ڪيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيل جي جنگ سبب ڀاڻ جي سپلاءِ ۾ رڪاوٽون عالمي سطح تي خوراڪ جي اهڙي بحران کي پيدا ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿي جيڪو ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهجي سگهي ٿو. هن چيو ته آبنائي هرمز جي آس پاس ڇڪتاڻ اڳ ۾ ئي ٻارڻ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ۽ عالمي معيشت کي متاثر ڪيو آهي. آبنائي هرمز جو سامونڊي رستو عالمي ڪچي تيل جي روانگي واپار جو اٽڪل 20 سيڪڙو هينڊل ڪري ٿو پر اهو نائيٽروجني ڀاڻ جي فراهمي لاءِ به اهم آهي. هن چيو ته ڀاڻ جي فراهمي ۾ دير سبب فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ پيداوار ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي چين ري ايڪشن کي هوا ملندي. هن چيو ته مان 2026ع ۽ 2027ع جي سرءُ واري موسم تائين سڄي دنيا ۾ ڏڪار جي خدشن ۾ وڏي اضافي جي اڳڪٿي ڪريان ٿو. هن چيو ته آبنائي هرمز ۽ ان جي آس پاس جهاز راني ۾ رڪاوٽون اڳ ۾ ئي ڀاڻ جي سپلاءِ کي متاثر ۽ آبادگارن جي زرچ کي وڌائي رهيون آهن. ان جنگ سبب نار ۾ ڀاڻ جي پلانٽس جي بند ٿيڻ جا اطلاع به سامهون اچي رهيا آهن جنهن سبب سپلاءِ وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن خبردار ڪيو ته ان صورتحال سبب غريب ملڪ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن حڪومتن کي قومي بجيٽ جو ڪجهه حصو فوڊ سيڪيورتٽي لاءِ مخصوص ڪرڻ جي صلاح ڏني.











