هنگري جي نئين وزيراعظم مان به اميدون آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-17 اپريل(اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هنگري ۾ پنهنجي ۽ اسرائيل جي پراڻي ڪٽر حامي وڪٽر اربان جي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ نئين چونڊيل وزيراعظم پيٽر ميئر جي باري ۾ سٺي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نئون وزير اعظم سٺو ڪم ڪندو. ٽرمپ اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. صدر ٽرمپ چيو ته هو سمجهي ٿو …

واشنگٽن-17 اپريل(اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هنگري ۾ پنهنجي ۽ اسرائيل جي پراڻي ڪٽر حامي وڪٽر اربان جي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ نئين چونڊيل وزيراعظم پيٽر ميئر جي باري ۾ سٺي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نئون وزير اعظم سٺو ڪم ڪندو. ٽرمپ اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. صدر ٽرمپ چيو ته هو سمجهي ٿو ته نئون وزيراعظم به صحيح ڪم ڪندو. ٽرمپ اهو به چيو ته نئون چونڊيل ليڊر پڻ ان پارٽي سان تعلق رکندڙ رهيو آهي جنهن سان وڪٽر اربان جو تعلق هو. آمريڪي صدر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن هو جي ڊي وينس جي جاءِ تي پاڻ هنگري وڃي وڪٽر اربان جي حمايت ڪري ها ته ان جا نتيجا مختلف هجن ها.