موغاديشو-17 اپريل (اي پي پي) صوماليا ”صومالي لينڊ“ جي علائقي ۾ اسرائيلي سفارتي نمائندي جي مقرري رد ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صوماليا تازو ئي اسرائيلي پرڏيهي وزارت پاران صوماليا جي اتر اولهه واري علائقي (صومالي لينڊ) ۾ سفارتي نمائندو مقرر ڪرڻ جي اعلان جي شديد مذمت ڪئي آهي. صومالي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل هڪ پريس ريليز ۾ چيو آهي ته اهو قدم صوماليا جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت …
صوماليا ”صومالي لينڊ“ جي علائقي ۾ اسرائيلي سفارتي نمائندي جي مقرري رد ڪري ڇڏي
موغاديشو-17 اپريل (اي پي پي) صوماليا ”صومالي لينڊ“ جي علائقي ۾ اسرائيلي سفارتي نمائندي جي مقرري رد ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صوماليا تازو ئي اسرائيلي پرڏيهي وزارت پاران صوماليا جي اتر اولهه واري علائقي (صومالي لينڊ) ۾ سفارتي نمائندو مقرر ڪرڻ جي اعلان جي شديد مذمت ڪئي آهي. صومالي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل هڪ پريس ريليز ۾ چيو آهي ته اهو قدم صوماليا جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ۽ اهو عالمي قانون جي اصولن سميت گڏيل قومن جي منشور، آفريقي يونين جي باني اصولن، عرب ليگ ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي اصولن جي ابتڙ آهي. بيان مطابق صوماليا جي وفاقي حڪومت پنهنجي سرزمين جي ڪنهن به حصي کي رياستي اٿارٽي کان ٻاهر سفارتي يا سياسي طور تي تسليم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان رد ڪري ٿي.











