ويانا-17 اپريل (اي پي پي)عالمي توانائي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته موجوده سپلاءِ ۾ رڪاوٽ برقرار رهڻ جي صورت ۾ يورپ وٽ رڳو اٽڪل ڇهن هفتن جو جيٽ فيول ذخيرو باقي رهجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر فتيح بيرول چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ سبب جلد ئي اڏامن جي رد ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. بيان …
يورپ ۾ جيٽ فيول جي کوٽ جو خدشو، اڏامون متاثر ٿيڻ جو امڪان، عالمي توانائي ايجنسي جي تنبيهه

مزید خبریں
ويانا-17 اپريل (اي پي پي)عالمي توانائي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته موجوده سپلاءِ ۾ رڪاوٽ برقرار رهڻ جي صورت ۾ يورپ وٽ رڳو اٽڪل ڇهن هفتن جو جيٽ فيول ذخيرو باقي رهجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر فتيح بيرول چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ سبب جلد ئي اڏامن جي رد ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. بيان مطابق آبنائي هرمز ذريعي تيل، گيس ۽ ٻين اهم وسيلن جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ان امڪاني بحران جو وڏو سبب آهي، جنهن کي عالمي سطح تي هن وقت جي سڀني کان وڏي توانائي بحرانن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي. فتيح بيرول خبردار ڪيو آهي ته ان صورتحال جا عالمي معيشت تي گهرا اثر پوندا ۽ جيڪڏهن سپلاءِ ۾ رڪاوٽ ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ته اقتصادي ترقي متاثر ٿيڻ سان گڏو گڏ مهانگائي ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو.











