سعودي عرب پاران لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان جي آجيان

رياض-17 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب لبنان ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي صدر جوزف عون، وزيراعظم نواف اسلام ۽ اسپيڪر نبيه بيري جي اهم ۽ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيل ۽ لبنان 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. سعودي پرڏيهي وزارت بيان ۾ رياست …

رياض-17 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب لبنان ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي صدر جوزف عون، وزيراعظم نواف اسلام ۽ اسپيڪر نبيه بيري جي اهم ۽ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيل ۽ لبنان 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. سعودي پرڏيهي وزارت بيان ۾ رياست جي خودمختياري وڌائڻ، رياست ۽ ان جي قانوني اداران تائين هٿيارن کي محدود ڪرڻ ۽ سڌارن وارن قدمن لاءِ لبنان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزارت ملڪي وسيلن، سيفٽي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ لبنان ڪوششن کي ساراهيو. آمريڪي صدر خميس تي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان 10 ڏينهن واري جنگ بندي تي راضي ٿي ويا. اها جنگ بندي خميس جي رات 9 وڳي کان لاڳو ٿي وئي آهي.