جمهوريه ڪانگو ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ اڻٽر آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻُڌايو ته جمهوريه ڪانگو جي اڀرندي حصي ۾ جاري تشدد، انساني بحران ۽ بي گهر ماڻهن جو وڌندڙ انگ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اتي فوري طور تي امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جمهوريه ڪانگو ۽ وسيع گريٽ ليڪس ريجن جي …

گڏيل قومون-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻُڌايو ته جمهوريه ڪانگو جي اڀرندي حصي ۾ جاري تشدد، انساني بحران ۽ بي گهر ماڻهن جو وڌندڙ انگ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اتي فوري طور تي امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جمهوريه ڪانگو ۽ وسيع گريٽ ليڪس ريجن جي صورتحال تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بحث ڪندي چيو ته اڀرندي ڪانگو ۾ صورتحال نازڪ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. هن چيو ته اسان قرارداد 2773 تي مڪمل عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيون ٿا ۽ ان ڳالهه تي به زور ڀريون ٿا ته پائيدار جنگبنديءَ طرف اڳڀرائي خطي ۾ استحڪام ۽ سياسي حل لاءِ انتهائي اهم آهي. خطي ۾ نسلي بنيادن تي قائم هٿياربند گروهن وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي جيڪا 1994ع جي روانڊا ۾ ٿيل نسل ڪشي دوران تقريبن 10 لک ماڻهن جي قتل سبب مشڪلاتن ۾ ورتل آهي. اڃا ويجهڙ ۾ ئي 2022ع ۾ جمهوريه ڪانگو روانڊا تي ايم-23 هٿياربند گروپ جي ڪانگو جي سرزمين تي مداخلت جي حمايت ڪرڻ جو الزام لڳايو. امن جي سلسلي ۾ واشنگٽن معاهدو طئي ٿيو. جون 2025ع ۾ ٽياڪڙي ڪئي وئي ۽ سلامتي ڪائونسل قرارداد 2803 (2025ع) ۾ ان جي توثيق ڪئي، جڏهن ته ويڙهه اڃا جاري آهي. پاڪستاني نمائندي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ جاري سفاري ڪوششن جي آجيان ڪئي جن ۾ آفريقن يونين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽياڪڙي، واشنگٽن عمل ۽ دوحه فريم ورڪ شامل آهن. هن چيو ته هي قدم گڏيل قومن ۽ علائقائي تنظيمن جي ڪوششن سان ڌُرين وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۽ جامع حل طرف اڳڀرائي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي ڪردار جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مناسب حالتن ۾ اها جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته 2013ع ۾ اديس ابابا ۾ طئي ٿيل امن، سلامتي ۽ تعاون جو فريم ورڪ خطي ۾ عدم استحڪام جي بنيادي سببن جي حل لاءِ هڪ جامع پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قدرتي وسيلن جي غير قانوني ڦرلٽ ۽ اسمگلنگ اُڀرندي ڪانگو ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون، شفافيت ۽ مؤثر قدم ضروري آهن ته جيئن وسيلا تڪرارن بدران خوشحاليءَ جو ذريعو بڻجي سگهن. پاڪستاني نمائندي جمهوريه ڪانگو جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عظيم ڍنڍن جي خطي ۾ پائيدار امن جي عزم کي ورجايو.