ماسڪو – 16 اپريل (اي پي پي) روس پورهيتن جي گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ڪارڪنن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نئون ڊجيٽل پروگرام ”ٽائم ٽو لِو ان رشيا“ متعارف ڪرايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهڙو اعلان روس جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيو. وزارت چيو ته ان پروگرام ذريعي پرڏيهي شهري ملڪ ۾ رهائش ۽ نوڪري لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندا. پروگرام جو مقصد …
روس پرڏيهي ورڪرز کي راغب ڪرڻ لاءِ نئون ڊجيٽل پروگرام ٽائم ٽو لِو ان رشيا متعارف
ماسڪو – 16 اپريل (اي پي پي) روس پورهيتن جي گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ڪارڪنن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نئون ڊجيٽل پروگرام ”ٽائم ٽو لِو ان رشيا“ متعارف ڪرايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهڙو اعلان روس جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيو. وزارت چيو ته ان پروگرام ذريعي پرڏيهي شهري ملڪ ۾ رهائش ۽ نوڪري لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندا. پروگرام جو مقصد اهڙن پرڏيهين کي راغب ڪرڻ آهي جيڪي گهربل مهارت رکن ٿا ۽ روس جي روايتي قدرن جو احترام ڪن ٿا. پروگرام تحت سائنسدان، ڪاروباري ماڻهو، رانديگر، تخليقي شعبن سان لاڳاپيل فرد، باصلاحيت شاگرد ۽ گريجوئيٽس، سيڙپڪار ۽ ٻيا ماهر درخواست ڏيڻ جي اهل هوندا. درخواست ڏيندڙن کي هڪ درخواست فارم ۽ مختصر سي وي جمع ڪرائڻي پوندي، پنهنجي اهليت جا ثبوت ڏيڻا پوندا، آن لائن انٽرويو ۽ پوءِ فيصلي جو انتظار ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ وڌ کان وڌ 125 ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. ڪامياب اميدوارن کي هڪ ذاتي مينيجر فراهم ڪيو ويندو، جيڪو ويزا، سرحدي ڪاررواين ۽ رهائش جي انتظامن ۾ مدد فراهم ڪندو.











