ايران جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. بي بي سي موجب اها ڳالهه هن صحافي ماريا بارٽيرو موڪو کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾ چئي، جيڪو آمريڪي نشرياتي ادار فاڪس نيوز تي نشر ڪيو ويندو. فاڪس نيوز طرفان ان انٽرويو جا ڪجهه حصا به جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته مڪمل انٽرويو آمريڪي وقت موجب شام 6 وڳي …

واشنگٽن-15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. بي بي سي موجب اها ڳالهه هن صحافي ماريا بارٽيرو موڪو کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾ چئي، جيڪو آمريڪي نشرياتي ادار فاڪس نيوز تي نشر ڪيو ويندو. فاڪس نيوز طرفان ان انٽرويو جا ڪجهه حصا به جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته مڪمل انٽرويو آمريڪي وقت موجب شام 6 وڳي (پاڪستاني وقت موجب خميس صبح 9 وڳي) نشر ڪيو ويندو. انٽرويو جو حصو فاڪس نيوز جي ايڪس هينڊل تان جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ صحافي آمريڪي صدر سان کان سوال ڪري ته ڇا اها جنگ ختم ٿي چڪي آهي؟ جواب ۾ ٽرمپ چيو ته سندس خيال موجب اها جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. فاڪس نيوز کي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، منهنجو خيال آهي هو (ايران) ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ جا خواهشمند آهن. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو ايران تي حملو نه ڪري ها ته ايران ايٽمي هٿيار بڻائي چڪو هجي ها.