واشنگٽن 15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته صدر ٽرمپ ايران سان ننڍو معاهدو نه پر وڏو سودو چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اداري پاران منعقد ڪيل ڳالهين دوران چيو ته ايران وعدو ڪري ته ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ته اسان يقيني بڻائينداسين معاشي خوشحالي ٿئي اها آهي اها آڇ جيڪا آمريڪي صدر ايران کي ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ممڪن …
صدر ٽرمپ ايران سان ننڍو معاهدو نه وڏي بارگين ڪرڻ چاهي ٿو: جي ڊي وينس

مزید خبریں
واشنگٽن 15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته صدر ٽرمپ ايران سان ننڍو معاهدو نه پر وڏو سودو چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اداري پاران منعقد ڪيل ڳالهين دوران چيو ته ايران وعدو ڪري ته ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ته اسان يقيني بڻائينداسين معاشي خوشحالي ٿئي اها آهي اها آڇ جيڪا آمريڪي صدر ايران کي ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکنداسين .صدر ٽرمپ کيس چيو هو ته پاڪستان ۾ سٺي نيت سان ايران سان ڳالهيون ڪيون وڃن. هن اهو به مڃيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تمام گهڻي بي اعتمادي آهي جيڪا هڪ رات ۾ ختم نه ٿي ٿي سگهي. ان باوجود، آمريڪي نائب صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳڀرائي کان مطمئن نظر آيا. هن چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته جنگ بندي جاري آهي ۽ اسان اڳڀرائي بابت سٺو محسوس ڪري رهيا آهيون.











