رياض _ 15 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج پرمٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي حوالي سان ڳرو ڏنڊ ۽ سخت سزائن جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پرڏيهه کان ايندڙن لاءِ حج ويزا جڏهن ته داخلي حاجين لاءِ حج پرمٽ لازمي آهي . حج پرمٽ جي ڀڃڪڙي تي 20 هزار ريال ڏنڊ مقرر آهي. پرمٽ کانسواءِ مقرر مدو ختم ٿيڻ بعد مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي …
سعودي عرب پاران حج پرمٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 20 هزار کان هڪ لک ريال تائين ڏنڊ جو اعلان
رياض _ 15 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج پرمٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي حوالي سان ڳرو ڏنڊ ۽ سخت سزائن جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پرڏيهه کان ايندڙن لاءِ حج ويزا جڏهن ته داخلي حاجين لاءِ حج پرمٽ لازمي آهي . حج پرمٽ جي ڀڃڪڙي تي 20 هزار ريال ڏنڊ مقرر آهي. پرمٽ کانسواءِ مقرر مدو ختم ٿيڻ بعد مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙن يا وزٽ ويزا تي مملڪت ۾ رهندڙ ڪنهن به پرڏيهي کي مڪي شريف وٺي وڃڻ يا اهڙن ماڻهن کي مڪي شريف ۾ رهائش يا ٽرانسپورٽ سهولت فراهم ڪرڻ به سنگين ڀڃڪڙي ۾ شمار ڪيو ويندو. گهرو وزارت چيو ته هڪ لک ريال جو ڏنڊ جن ڀڃڪڙين لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي انهن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي پرڏيهه لاءِ ڪنهن به قسم جو وزٽ ويزا جاري ڪرائين ۽ ويزا هولڊر کي ختم ٿيندڙ مدي ( پهرين ذوالقعد 18 اپريل 2026 ) ۾ مڪي شريف يا مشاعر مقدس وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙا ماڻهو جيڪي پهرين ذوالقعد بعد وزٽ ويزا هولڊرن کي مڪي شريف يا مشاعر مقدس ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن يا کين ترسڻ جي سهولت مهيا ڪندا.











