رياض-15 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان جده ۾ يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ يورپي يونين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو جائزو ورتو ويو. خطي جي موجوده صورتحال، ان جي عالمي سلامتي ۽ اقتصادي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ هم آهنگي …
سعودي عرب جي ولي عهد سان يورپي ڪائونسل جي صدر جي ملاقات، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض-15 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان جده ۾ يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ يورپي يونين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو جائزو ورتو ويو. خطي جي موجوده صورتحال، ان جي عالمي سلامتي ۽ اقتصادي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ هم آهنگي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، مملڪتي وزير، ڪابينا ميمبر ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مساعد بن محمد العبيان ۽ يورپي يونين ۾ مملڪت جو سفير هيفا الجديح به موجود هئا.











