انڊمان سمنڊ ۾ پناهگيرن جي ٻيڙي ڪلٽي، 250 ماڻهو لاپتا، گڏيل قومن پاران واقعي جي تصديق

گڏيل قومون _ 15 اپريل (اي پي پي )گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن تصديق ڪئي آهي ته انڊمان سمنڊ ۾ پناهگيرن سان ڀريل هڪ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ بعد اٽڪل 250 ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن . پرڏهي ميڊيا مطابق گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻيڙي بنگلاديش جي ڏاکڻي علائقي کان رواني ٿي ملائشيا وڃي رهي هئي ته شديد هوائن ۽ خراب سامونڊي …

گڏيل قومون _ 15 اپريل (اي پي پي )گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن تصديق ڪئي آهي ته انڊمان سمنڊ ۾ پناهگيرن سان ڀريل هڪ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ بعد اٽڪل 250 ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن . پرڏهي ميڊيا مطابق گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻيڙي بنگلاديش جي ڏاکڻي علائقي کان رواني ٿي ملائشيا وڃي رهي هئي ته شديد هوائن ۽ خراب سامونڊي حالتن سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي. ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ  ماڻهو سوار هئا. جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. ميڊيا رپورٽن مطابق ٻيڙي ۾ اٽڪل 280 ماڻهو سوار هئا ۽ اها 4 اپريل تي رواني ٿي هئي، پر حادثي جي وقت بابت حتمي تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا . بنگلاديش ڪوسٽ گارڊز ٻڌايو آهي ته 9 اپريل تي 9 ماڻهن کي زنده بچايو ويو آهي . هڪ بچي ويل شخص مطابق ٻيڙي روانگي جي 4 ڏينهن بعد ڪلٽي ٿي ۽ مسافر اٽڪل 36 ڪلاڪن تائين سمنڊ ۾ ترندا رهيا. گڏيل قومن جي ادارن ان افسوسناڪ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انساني اسمگلنگ ۽ غير محفوظ سامونڊي سفر جي خطرن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.