گڏيل قومون -15 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جو امڪان اڻٽر آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دستياب اشارا ٻڌائين ٿا ته اهي ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون ۽ ان عمل جو جاري رهڻ تمام ضروري آهي. انتونيو گوتريش چيو ته ايتري اهم ۽ ڊگهي مسئلي جو حل هڪ ويهڪ ۾ ممڪن ناهي ان ڪري …
آمريڪا _ ايران ڳالهين جو تسلسل اڻٽر آهي: انتونيو گوتريش

مزید خبریں
گڏيل قومون -15 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جو امڪان اڻٽر آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دستياب اشارا ٻڌائين ٿا ته اهي ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون ۽ ان عمل جو جاري رهڻ تمام ضروري آهي. انتونيو گوتريش چيو ته ايتري اهم ۽ ڊگهي مسئلي جو حل هڪ ويهڪ ۾ ممڪن ناهي ان ڪري ڳالهين جو تسلسل اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڳالهين دوران جنگ بندي برقرار رهڻ گهرجي ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ان بحران جو ڪو به فوجي حل موجود ناهي ۽ پائيدار امن لاءِ مسقل سفارتي ڪوششون ۽ سياسي عزم گهربل آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ بدران سفارتڪاري کي هٿي ڏني وڃي ۽ عالمي قانون جي پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي.











