اٽلي جي وزيراعظم کي بهادر سمجهندو هيس، هن مايوس ڪيو: آمريڪي صدر

واشنگٽن -15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ان ۾ همٿ جي گهٽتائي ڏسي ڪري صدمو ۽ مايوسي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته جارجيا ميلوني اٽلي کي جنگ ۾ شامل نٿو ڪرڻ چاهي سندس ملڪ پهنجي ضرورت جو وڏو حصو انهي خطي مان امپورٽ ڪري ٿو. ٽرمپ اٽلي جي وزيراعظم جي …

واشنگٽن -15 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ان ۾ همٿ جي گهٽتائي ڏسي ڪري صدمو ۽ مايوسي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته جارجيا ميلوني اٽلي کي جنگ ۾ شامل نٿو ڪرڻ چاهي سندس ملڪ پهنجي ضرورت جو وڏو حصو انهي خطي مان امپورٽ ڪري ٿو. ٽرمپ اٽلي جي وزيراعظم جي موقف کي ناقابل قبول قرار ڏنو. اهو بيان ميلوني جي ان اعلان کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن موجوده صورتحال سبب اسرائيل سان دفاعي معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اٽلي جي وزيراعظم پريس ڪانفرنس دوران واضح ڪيو ته حڪومت حالتن کي ڏسندي اهو قدم کنيو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن اٽلي جي وزيراعظم پوپ فرانسس تي ٽرمپ جي تنقيد کي به رد ڪري ڇڏيو هيو. پوپ وچ اوڀر ۾ جنگ خلاف بيان ڏنو هيو جنهن تي ٽرمپ جي تبصري کي ميلوني ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته پوپ پاران امن جي دعوت ڏيڻ ۽ جنگ جي مذمت ڪرڻ بلڪل درست ۽ فطري آهي. اٽلي جي وزيراعظم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن تي آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ به شامل آهي ڇو ته اهو نه رڳو گيس پر کاڌ خوراڪ جي فراهمي لاءِ به اڻٽر آهي.