اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن باوجود ملڪ جي سمورن بجلي صارفين لاءِ جولاءِ کان فيبروري تائين سراسري في يونٽ قيمت 71 پئسا گهٽ ٿي آهي، جنهن جو ڪل ڳاڻيٽو 46 ارب رپيا بڻجي ٿو. اڱاري ڏينهن پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي بابت جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته ان نمايان گهٽتائي جي بنيادي وجهه ۾ سسٽم ۾ آيل …
ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن باوجود سمورن بجلي صارفين لاءِ سراسري في يونٽ قيمت 71 پئسا گهٽ ٿي آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن باوجود ملڪ جي سمورن بجلي صارفين لاءِ جولاءِ کان فيبروري تائين سراسري في يونٽ قيمت 71 پئسا گهٽ ٿي آهي، جنهن جو ڪل ڳاڻيٽو 46 ارب رپيا بڻجي ٿو. اڱاري ڏينهن پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي بابت جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته ان نمايان گهٽتائي جي بنيادي وجهه ۾ سسٽم ۾ آيل سڌارن، مختلف رليف پيڪيجز، ميرٽ آرڊر تي سختيءَ سان عملدرآمد، بهتر ۽ وقت سر منصوبابندي ۽ نظام جي جديد گهُرجن موجب اثرائتي انداز ۾ هلائڻ شامل آهي. هن چيو ته خاص طور تي بهتر پلاننگ ذريعي گهٽ لاڳت جي ذريعن کي ترجيح ڏني وئي، پيداواري صلاحيت کي اثرائتي طريقي سان استعمال ڪيو ويو ۽ رواني ۽ انتظامي سطح تي تي بهتري آڻي نقصانن کي گهٽ ڪيو ويو. ان مربوط قدمن جي نتيجي ۾ نه صرف نظام جي مجموعي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آئي، پر صارفين کي سڌيءَ ريت ۽ پائيدار رليف به فراهم ٿيو. ترجمان چيو ته اڄ عالمي سطح تي سخت حالتن باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار مستحڪم آهي، هن وقت به اسان ان قابل آهيون ته ضرورت موجب بجلي پيدا ڪري سگهون. هن چيو ته اسان کي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج شام کان رات تائين پيڪ آورز (شام 5 کان رات 1) ۾ درپيش آهن جتي بجلي جي طلب ۾ نمايان واڌ ٿئي ٿي، خاص ڪري ان لاءِ ته اهي ٻئي پاڻيءَ سان هلندڙ بجلي گهرن جي پيداوار تمام گهٽ ٿي وئي آهي، جيڪڏهن انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مهانگي ٻارڻ تي ڀاڙيو وڃي ته ان سان بجلي جي قيمت ۾ خاطرخواه اضافو ٿي سگهي ٿو. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت فيصلو ڪيو ته شام 5 کان رات هڪ وڳي تائين روزانو اٽڪل 2 کان 3 ڪلاڪ بجلي جي فراهميءَ کي بند ڪيو وڃي ته جيئن مهانگي ٻارڻ جي استعمال کي گهٽ کان گهٽ رکي سگهجي ۽ بجلي جي قيمت ۾ امڪاني واڌ کي روڪي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص توجهه ۽ ذاتي مانيٽرنگ سان صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي ٽيم کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به صورت بجلي جي قيمت ۾ واڌ نه ٿئي ۽ جيڪڏهن فرنس آئل جي استعمال سان ڪجهه قيمت ۾ واڌ ٿي ته به اهڙا قدم ضرور کنيا وڃن جنهن سان امڪاني واڌ کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. وزيراعظم جي خاص هدايتن جي روشني ۾ 80 MMCFD لوڪل گيس پاور پلانٽس کي مهيا ڪئي وئي آهي جنهن عيوض نه صرف بجلي جي قيمت ۾ 80 پئسا في يونٽ واڌ کي اضافي لوڊ مئنجمينٽ کي به روڪيو ويو آهي، پيڪ اورز ۾ 2:25 ڪلاڪن جي لوڊ مئنجمينٽ جو مقصد بجلي جي قيمت ۾ اٽڪل 3 رپيا في يونٽ واڌ کي روڪڻ آهي. ترجمان چيو ته فرنس آئل جي استعمال کي محدود ڪرڻ باوجود اسان کي اٽڪل 1.5 رپيا في يونٽ جي واڌ لاءِ تيار رهڻو پوندو، جيڪي اهي قدم نه هجن ها ته 5 کان 6 رپيا في يونٽ واڌ بڻجي ها. ڊسڪوز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هر فيڊر جي بجلي بند ڪرڻ جي وقتن کي هر سطح تي صارفين سان شيئر ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي پنهنجي بجلي جي وقتن جي خبر هجي ۽ ان شيڊول کان علاوه ڪا به بجلي بند نه ٿئي جتي ڪنهن لوڪل فالٽ سبب بجلي بند ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ته لاڳاپيل آفيس صارفين کي ان بابت ڄاڻ ڏيندي. واضح رهي ته اهي قدم لوڊشيڊنگ يا لوڊ مئنجمينٽ نه پر پيڪ آورز ۾ قيمتن جي امڪاني واڌ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پيڪ رليف اسٽريٽجي جو حصو آهي. ترجمان چيو ته حڪومت پُرعزم آهي ته عالمي حالتن باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ هر امڪاني قدم کنيا وڃن جنهن سان بجلي جي قيمتن کي قابو ۾ رکي سگهجي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن سان جيڪڏهن ڪمرشل مارڪيٽن جي وقت سر بندش کي يقيني بنايو وڃي ته ان سان به بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي آڻي قيمتن ۾ امڪاني واڌ کي وڌيڪ گهٽ ڪري سگهجي ٿي.











