ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار ۾ اضافو

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67581 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67019 بيرل …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67581 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 67019 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 8 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3057 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.3 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3065 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 35390 بيرل، پي پي ايل 11063، پي او ايل 4335 ۽ ماڙي گئس جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 913 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح 8 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 695 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 576، پي او ايل 69 ۽ ماڙي گئس جي روزانو پيداوار 913 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي. 

مزید خبریں