اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي قيمت ۾ 1.53 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مستقبل جا سودا 97.50 ڊالر ۾ طئي ٿيا. برينٽ ڪروڊ تحت قيمتن ۾ 0.55 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ مستقبل جا سودا 98.81 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، روسي يورال …
عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو رجحان
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي قيمت ۾ 1.53 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مستقبل جا سودا 97.50 ڊالر ۾ طئي ٿيا. برينٽ ڪروڊ تحت قيمتن ۾ 0.55 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ مستقبل جا سودا 98.81 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، روسي يورال تحت ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 7.12 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي ۽ مستقبل جا سودا 114.66 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. عرب لائيٽ تحت ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 2.63 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مستقبل جا سودا 116.23 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ جي تحت قيمتون مستحڪم رهيو ۽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 101.03 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت ۾ اضافي جو رجحان رهيو ۽ في اونس قيمت 0.55 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 4772.14 ڊالر رهي. چاندي جي قيمت 1.95 ڊالر جي اضافي کانپوءِ 77 ڊالر ٿي وئي. خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو. عالمي منڊين ۾ سويابين جي مستقبل جا سودا 0.13 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 1163.72 ڊالر، ڪڻڪ 0.48 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 585.04 ڊالر ۽ ڪوئلي جي قيمت ۾ 0.41 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 135.45 ڊالر ٿي وئي.











