پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي: انجنيئر امير مقام

چارسده- 14 اپريل (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پاڪستان نه صرف خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي پر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم سفارتي عمل ۾ پڻ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان جي فوج ۽ قوم هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام …

چارسده- 14 اپريل (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پاڪستان نه صرف خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي پر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم سفارتي عمل ۾ پڻ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان جي فوج ۽ قوم هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپ اسڪيم سڄي ملڪ ۾ بنا فرق جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه باچا خان يونيورسٽي چارسده ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ باچا خان يونيورسٽي جي ان شاندار تقريب ۾ اوهان سڀني وچ ۾ اچي مون کي دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هيءَ تقريب حقيقت ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل جي عڪاسي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اڄ اسان پنهنجي انهن هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائي رهيا آهيون جيڪي پنهنجي محنت، قابليت ۽ لڳن سبب ان اعزاز جا مستحق بڻيا آهن. هن چيو ته اهي عظيم قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن جي عڪاسي آهن، جنهن نوجوانن کي بااختيار بنائڻ، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ اهي انقلابي قدم کنيا. هن چيو ته هي ليپ ٽاپ صرف هڪ مشين نه پر اوهان جي روشن مستقبل جي چاٻي آهي، هي اوهان کي تحقيق، تعليم ۽ دنيا سان جوڙڻ جا نوان موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته هو رانا مشهود احمد خان جي ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو جنهن جي قيادت ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن لاءِ هڪ اميد بڻجي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ايجوڪيشن اينڊومنٽ فنڊ، دانش اٿارٽي ۽ ٻيا منصوبن ذريعي به هزارين شاگردن کي زيور سان سينگاريو پيو وڃي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي غير معمولي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو ۽ قوم کي هڪ نئين طاقت بخشي، آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڪاميابيءَ پوري قوم ۾ هڪ نئون جذبو ۽ حوصلو پيدا ڪيو آهي، اها فتح ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي فوج ۽ قوم هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وفاقي وزير چيو ته هي وقت آهي ته اوهان ان قومي جذبي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو، علم حاصل ڪريو ۽ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪريو. اوهان ئي ان ملڪ جو مستقبل آهيو ۽ اوهان کي ئي ان کي ترقيءَ جي نين بلندين تائين وٺي وڃڻو آهي. وفاقي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين رانا مشهود احمد خان ۽ پروگرام سان واڳيل سمورن ماڻهن ۽ شاگردن کي مبارڪون پيش ڪيون.

مزید خبریں