گڏيل قومون- 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ انساني امدد پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون لبنان ۾ موجوده انساني صورتحال تي ڳالهين لاءِ او آءِ سي جي سفيرن جي سطح واري اجلاس ۾ چئي. نمائندي چيو ته لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن ۾ …
پاڪستان پاران لبنان ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت
گڏيل قومون- 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ انساني امدد پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون لبنان ۾ موجوده انساني صورتحال تي ڳالهين لاءِ او آءِ سي جي سفيرن جي سطح واري اجلاس ۾ چئي. نمائندي چيو ته لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن ۾ بي گهر ٿيندڙ لکين شهرين جي صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ خراب ٿيندي پئي وڃي. گڏيل قومن موجب لبنان ۾ سخت اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 6500 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اٽڪل 12 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ صحت جو نظام تباهيءَ جي ڪناري تي آهي. پاڪستاني نمائندي لبنان جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته شهري انفراسٽرڪچر جي وڏي پيماني تي تباهي ۽ عالمي انساني قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن لبنان جي حڪومت طرفان استحڪام جي بحالي ۽ رياستي عملداريءَ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي، جن ۾ سيڪيورٽي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جا قدم شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل قومن جي عارضي فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) تي اسرائيلي حملن جي به مذمت ڪري ٿو، جن ۾ امن فوجي زخمي ٿيا. پاڪستاني نمائندي متاثر علائقن ۾ فوري انساني امداد جي فراهمي تي زور ڀريندي چيو ته ان نازڪ مرحلي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، تحمل جو مظاهرو ۽ سفارتي رابطن کي نئين سر بحالي فوري طور تي ضروري آهي ته جيئن علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته جٽادار امن ۽ استحڪام صرف مسلسل سياسي ڳالهين ۽ عالمي قانونن جي احترام ذريعي ئي ممڪن آهي.











