اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪويت جي پرڏيهي وزير اسلام آباد ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. نائب وزيراعظم ان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪويت جي پرڏيهي وزير اسلام آباد ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. نائب وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجون مسلسل ڪوششون جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي مضبوط لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












