نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ڪفايت شعاري پاليسي تي حقيقي معنى ۾ عملدرآمد جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪفايت شعاري پاليسي تي حقيقي معنى ۾ عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزارت جي صدارت ۾ فيول سبسڊي ۽ ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي موجوده …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪفايت شعاري پاليسي تي حقيقي معنى ۾ عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزارت جي صدارت ۾ فيول سبسڊي ۽ ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي موجوده ٻارڻ جي فراهمي ۽ کپت جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن انهن علائقن مان ٻارڻ حاصل ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي پڻ ٻڌائي جيڪي جنگ کان متاثر نه آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪفايت شعاري پاليسي تي حقيقي معنى ۾ عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي فيول سبسڊي پروگرام جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هدايت ڪئي ته ادائيگين جي موثر نگراني ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهو تي بار گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وزير، پيٽروليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارن وفاقي سيڪريٽرين، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.