اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 21 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 21 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 57 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 28 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 12 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 80 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 80 هزار 600 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 55 هزار 900 ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1465.93 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.551 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1157.85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.029 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.












