ايراني بندرگاهن جي آمريڪي ناڪابندي خودمختاري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي: ايران

گڏيل قومن- 14 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايراني سفير، ايراني بندرگاهن تي آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل ناڪه بندي کي ايران جي خودمختاري جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪرٽري جنرل انتونيوگوتريس جي نالي پنهنجي خط ۾ ايراني نمائندي امير سعيد ايرواني چيو ته اها غيرقانوني ناڪه بندي عالمي سامونڊي قانونن جي بنيادي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. رپورٽ مطابق گڏيل قومن …

گڏيل قومن- 14 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايراني سفير، ايراني بندرگاهن تي آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل ناڪه بندي کي ايران جي خودمختاري جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪرٽري جنرل انتونيوگوتريس جي نالي پنهنجي خط ۾ ايراني نمائندي امير سعيد ايرواني چيو ته اها غيرقانوني ناڪه بندي عالمي سامونڊي قانونن جي بنيادي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سربراهه سمورن ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو آبناءِ هرمز ۾ جهاز راڻي جي آزادي جو احترام ڪن، تيل جي عالمي ترسيل لاءِ آبناءِ هرمز هڪ نهايت اهم آبي گذرگاهه آهي.