گڏيل قومن جي سربراهه طرفان آمريڪا ۽ ايران سان ڳالهيون جاري رکڻ جي اپيل

گڏيل قومون- 14 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين کي تعميري انداز ۾ جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين ۾ جيتوڻيڪ ڪو معاهدو طئي ناهي ٿيو، پر ٻنهي ملڪن جون سنجيده ڪوششون هڪ مثبت ۽ …

گڏيل قومون- 14 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين کي تعميري انداز ۾ جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين ۾ جيتوڻيڪ ڪو معاهدو طئي ناهي ٿيو، پر ٻنهي ملڪن جون سنجيده ڪوششون هڪ مثبت ۽ بامعنٰي اڳڀرائي جي ترجماني ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته تازي ڇڪتاڻ ۽ تباهي بعد اهو واضع ٿي چڪو آهي ته موجوده تڪرار جو ڪو فوجي حل موجود ناهي، جڏهن ته جنگ بندي جو برقرار رهڻ نهايت ضروري آهي ۽ سمورين ڀڃڪڙين جو خاتمو ڪرڻ گهرجي. بيان ۾ ان ڳالهه تي اهو به زور ڏنو ويو ته سموريون ڌريون عالمي قانون مطابق آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي جو احترام ڪن، ڇو ته ان اهم سامونڊي بندرگاهه ۾ خلل عالمي معيشت تي ناڪاري اثر وجهي رهيو آهي. ترجمان خبردار ڪيو ته سامونڊي واپار ۾ رڪاوٽن سبب عالمي سطح تي معاشي غير يقيني صورتحال ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ڀاڻ ۽ ان جي جُزن جي فراهمي متاثر ٿيڻ سان سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي غذائي تحفظ جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي.