اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان لاءِ عالمي مالياتي ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي خاص طور تي مقامي ڪرنسيءَ ۾ مالي معاونت فراهم ڪرڻ جي آءِ ايف سي جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاسن 2026ع جي موقعي تي انٽرنيشنل ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي ايم …
وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاران پاڪستان لاءِ عالمي مالياتي ڪارپوريشن جي مسلسل حمايت جي تعريف
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان لاءِ عالمي مالياتي ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي خاص طور تي مقامي ڪرنسيءَ ۾ مالي معاونت فراهم ڪرڻ جي آءِ ايف سي جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاسن 2026ع جي موقعي تي انٽرنيشنل ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي ايم ڊي مختار ديوپ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ناڻي واري وفاقي وزير وچ اوڀر جي ۾ جاري تڪرارن جي معاشي اثرن تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت صورتحال تي گهري نظر رکندي پئي اچي ۽ وقت سر ۽ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ آءِ ايف سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيو، خاص طور تي مقامي ڪرنسيءَ ۾ مالي معاونت فراهم ڪرڻ جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو. هن نجي شعبي جي سيڙپڪاري وڌائڻ، پيداواريت بهتر بنائڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ آءِ ايف سي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر اورنگزيب آءِ ايف سي سان پاڪستان ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽن جي ترقي لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي ۽ ٻين ملڪ جي ڪامياب تجربن مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو. هن ٽريڊ فنانس ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ موجوده حالتن ۾ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آءِ ايف سي ۽ وزيراعظم جي زراعت بابت ٽاسڪ فورس وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آءِ ايف سي جي نئين حڪمت عملي کي پڻ ساراهيو، جنهن تحت ادارو بيلنس شيٽ تي سرمايو رکڻ بدران ”اورجنيٽ اينڊ ڊسٽريبيوٽ“ ماڊل طرف وڌي رهيو آهي ته جيئن نجي سيڙپڪاريءَ کي وڌ کان وڌ متحرڪ ڪري سگهجي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ مضبوط ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي ذريعي جٽادار ترقيءَ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.












