وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي جاپان جا ٿورا ادا ڪيا

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي جاپان جا ٿورا ادا ڪيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته سندس جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي سان انتهائي گرمجوش ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا – ايران جنگبندي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي جاپان جا ٿورا ادا ڪيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته سندس جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي سان انتهائي گرمجوش ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا – ايران جنگبندي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار تي مون جاپان جي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ان تسلسل کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان – جاپان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.