اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اسلام آباد ڳالهه ٻولهه کانپوءِ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ جي ملاقات
اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اسلام آباد ڳالهه ٻولهه کانپوءِ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو پڻ ورجاءُ ڪيو.












