اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 2.626 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق گذريل سال جون جي آخر ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيري جو ڳاڻيٽو 14.506 ارب ڊالر …
ملڪي مٽاسٽا واري ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ 2.626 ارب ڊالر اضافو
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 2.626 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق گذريل سال جون جي آخر ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيري جو ڳاڻيٽو 14.506 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن ۾ 4.763 ارب ڊالر هو. 3 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا واري ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.895 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.40 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 5.495 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 2.51 مهينن جي آمدني واپار لاءِ دستياب آهي. جاري مالي سال دوران اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ مجموعي طورتي 1.894 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 732 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.












